مشيني ذھانت جي نائب سان گڏ جيڪو اوھان جي مدد پڻ ڪندو
اوائلي سنڌي ٻولن کان دنيا جي ٻولين تائين، هڪ جيئري جاڳندي لساني مُوڙي
ھي پليٽ فارم سنڌي ٻولن جي پاڙن، انگريزي لفظن، انھن جي اصليت (etymology) ۽ دنيا جي سگهارين ٻولين جي رابطن کي مشيني ذھانت جي طرز تي جديد انداز ۾ تيار ڪيو ويو آھي، جنھن ٻول ڳولڻ، سمجهڻ ۽ گراف ۾ ڏيکاري سنڌي ٻوليءَ جي قد ڪاٺ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو آھي۔
سياڻي نموني سان ڳولا ڪندڙ
انگريزي، سنڌي مطلب ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ ڳولا ڪريو
English Knowledge Graph
اوھان ڪوبہ لفظ چونڊيو ۽ کاٻي پاسي ان جي سنڌي ٻول سان مٽي مائٽي تپاسيو
مشيني ذھانت تي ٻڌل مددگار
بس اوھان ھن کان لفظن بابت پڇو!
نوٽ: اوھان جي مدد لاءِ هي مشيني ذھانت تي آڌاريل محدود پئماني تي ٻانهن ٻيلي تيار ٿيل آهي، جيڪو موجودہ ڊيٽاسيٽ مان جواب ٺاهي اوھان کي ڏيندو.
سنڌي ٻوليءَ جي جديد ۽ آئيندي لاءِ اسان جو اصل مقصد
سنڌي ٻولي، جيڪا ھزارين سالن کان مسلسل جبرن ھيٺ رھندي بہ پنھنجي ھڏ ڪاٺ ۾ زندہ سلامت آھي، ان جي پاڙ ٻولن کي مستقبل ۾ روباٽڪ انجنيئرنگ ۽ مشيني ذھانتن جي علمی حوالن جي صفحن (academic citation pages)، تقابلی لسانيات جي نقشي (comparative linguistics maps)، ۽ پوري دنيا ۾ محققن لاءِ ڊیٽا سیٽس جيڪي ڊائون لوڊ پڻ ٿي سگهن (downloadable datasets) ۽ سنڌي لارج لئنگئيج ماڊلن جي تربيتي وسيلن سان ترقي ڪري سگهن. اسان جو مقصد صرف سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ نہ آھي، پر ان کي عالمي ميدانن ۾ مشيني ذھانتن، علمي ميدانن ۾ ھڪ سگهاري ٻولي ءَ طور سنڌيءَ کي بيھارڻو آھي. ھن وسعت جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي مسڪين ٻوليءَ طور محفوظ ڪرڻ کان گهڻو اڳتي وٺي، ان کي عالمی سطح تي مشيني ذھانتن جي علمي نظام جو ھڪ اھم ۽ ڪم لائق مکيہ وسيلو بڻائڻ آھي، جتي سنڌي مواد نہ رڳو ڪتب ٿئي پرمشيني ذھانتن جي ماڊلن جي تربيت، تحقیق ۽ تقابلی مطالعي لاءِ بنيادي وسيلي طور ڪم پڻ اچي۔