Sindhi Brain AIسنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻولن جو ڪوش ۽ سکيا پليٽفارم
0لفظن تي مشتمل

سنڌي ذهين ڪوش

Sindhi Brain AI — Powered by SindhiLanguage.org

ھتي اوھان جامع سنڌي لغات جي ڊيٽا تي ٻڌل ۽ مشيني ذھانت آڌار ھڪ جديد ڪوش تائين پھچي سگهو ٿا، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪتب ايندڙ ٻول، معنائون ۽ انهن جو ھڪٻئي سان ڳانڍاپو ڏسي سگهو ٿا.

مثال طور:

نتيجن جو خانو

سنڌي ٻولن جي تاڃي پيٽي کي سمجهڻ لاءِ مٿي ڳولا واري خاني ۾ ٻول داخل ڪريو.

لفظن جو ڪارڊ

شروع ڪرڻ لاءِ بٽڻ دٻايو

معنائن لاءِ سوال جواب

ٻولن جو ڄار

هي ڀاڱو سنڌي ٻولن سان لاڳاپيل ٻين ٻولن جي معنيٰ مان ڳولي هڪ ننڍڙو ماڊل ٺاهي ٿو.

مشيني ذھانت جي ھن سياڻي ڪوش بابت

هي پروگرام ڊاڪٽر نبي بخش خان جي جامع سنڌي لغات مان مڪمل ڊيٽا کڻي اوھان کي اوھان جي گهرج آھر فراھم ڪري ٿو.

مشيني ذھانت آڌاريل سنڌي ٻوليءَ جي ٻولن تي مشتمل مشيني ديماڪ، جيڪو سنڌ لئنگئيج ڊاٽ آرگ پاران جوڙيل هڪ جديد ويب بيسڊ پليٽفارم آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل ۽ سمارٽ دور سان هڪ ڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هي سرشتو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ”جامع سنڌي لغات“ جي اسي ھزار کان مٿي سنڌي لفظن تي ٻڌل ھڪ سمارٽ ڪوش آھي، جتي واھپو ڪندڙ ڪنھن بہ لفظ کي ڳولا ڪري ان جي معنا، وضاحت ۽ ڪاتبو ان ئي پل حاصل ڪري سگهي ٿو. صاف ۽ واھپي ڪندڙن لاءِ آسان ڊيزائن سان گڏ، هي پروگرام لفظن کي معنائن جي ڪارڊن جي صورت ۾ پڻ پيش ڪري ٿو ۽ سنڌي لفظن جي ڄارھٿان انهن جي لاڳاپن کي بہ ڏيکاري ٿو، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جي سمجهہ وڌيڪ گھري ۽ لاڀ ڏيندڙ بڻجي ٿي.

ان سان گڏ، هي پليٽفارم سکيا کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ مشيني ذھانت موجب واھپيدارن سان روبرو مدد بہ مهيا ڪري ٿو، جنھن ۾ آسان سوال جواب، يعني چٽاڀيٽي، فليش ڪارڊ ۽ ٻيون رانديون پڻ شامل آهن، جيڪي ٻارن، شاگردن ۽ عام استعمال ڪندڙن لاءِ سنڌي سکڻ کي آسان ۽ مزيدار بڻائين ٿيون. جديد پروگرامنگ جنھن ۾ مشيني خود جواب ڏئي موجب جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان تيار ڪيل هي سسٽم نہ رڳو آف لائن ۽ آن لائن آساني سان هلندڙ آهي، پر مستقبل ۾ مشيني ذھانت، سنڌي ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ واري ٽيڪنالاجيءَ جو مددگار ۽ تعليمي اپليڪشنن سان ملائڻ لاءِ بہ سگهارو بنياد فراهم ڪري ٿو، جنھن سان سنڌي ٻولي عالمي ڊجيٽل دنيا ۾ پنھنجو اثر رسوخ وڌائي سگهي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊجيٽل ڪوش، سکيا ۽ مشيني ذھانت لاءِ خام مال تيار ڪرڻ جو پروجيڪٽ

سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ پاران تيار ڪيل مشيني ذھانت تي آڌاريل ھي هڪ جديد ويب پليٽفارم آهي، جنھن جو مقصد سنڌي لفظن، معنائن، ٻوليءَ جي مشيني سکيا، ڪوش جي ڳولا ۽ مستقبل جي مشيني ذھانت وارن اوزارن لاءِ بنيادي ماڊل تيار ڪرڻ آهي.