سنڌي ٻولي اصل حالت ۾ • مڪمل ساچي کان کاٻي • مصنوعي ذھانت لائق

سنڌپريس

اڄ جي خبر، مصنوعي ذھانت جي سرشتن ۾ آئيندي جي تاريخ

دنيا جو پھريون ساڄي کان کاٻي لکت ۾ مڪمل طور تي مصنوعي ذھانت سان سلهاڙيل نيوز پبلشنگ پليٽفارم، جيڪو سنڌي اخبارن، ميڊيا هائوسز، يونيورسٽين ۽ ڊجيٽل ادارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

سنڌ پريس: سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ جي ھڪ رٿا

SindhPress homepage screenshot
سنڌي نيوز هوم پيج، موسم، وڊيو، مصنوعي ذھانت جو نائب ۽ جديد اخباري ترتيب

اسان جو مقصد

آخر سنڌپريس ئي ڇو؟

سنڌي صحافت کي جديد ڊجيٽل دنيا ۾ پنھنجي مڪمل جاءِ ملڻ گهرجي. سنڌ پريس سنڌي اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز لاءِ ھڪ اهڙو پليٽفارم تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو خبرن جي ڊجيٽل ڇپائي، سنڌي فونٽن، مصنوعي ذھانت جي جديد نائب (چيٽ بوٽ) سان گڏ پوري دنيا جي مشيني ذھانت جي ماڊلن کي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ کي هڪ ئي نظام ۾ گڏ ڪري انهن کي آڇي ٿو.

جڏهن هڪ سنڌي اخبار، ميگزين، يا ميڊيا ”سنڌ پريس“ ٿيم استعمال ڪري ٿي، تڏهن اُھا صرف خبرون شايع نہ ٿي ڪري، پر سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي لاءِ هڪ ڊجيٽل عمارت پڻ جوڙي ۽ ايندڙ نسل لاءِ تيار ڪري ٿي.

انگ اکر

سنڌ پريس جي سفر جي ابتدا

ڊائونلوڊ جو انگ سرڪاري رليز کان پوءِ حقيقي ڊائونلوڊن سان وڌندو؛ هن وقت ڪائونٽر صفر تي محفوظ آهي.

0ڪل ڊائونلوڊ
0ڪيترين سائيٽن تي انسٽال ٿيو
0شايع ٿيل خبرون
0AI Dataset Records
0محفوظ ٿيل سنڌي لفظ

خصوصيون

ھيءَ ھڪ ٿيم نہ پر مڪمل سنڌي نيوز پليٽفارم آھي

سنڌ پريس جو مقصد صرف خوبصورت ويب سائيٽ ٺاهڻ ئي نہ آهي؛ پر ھي سنڌي خبرن (ڄاڻ) کي جديد ويب، سرچ انجڻن ۽ مستقبل جي مصنوعي ذھانت لاءِ پڻ تيار ڪري ٿو.

اي آءِ ليبخبرن مان صاف JSONL Dataset تيار ڪريو.
اي آءِ نائبويب سائيٽ تي موجود خبرن مان پڙهندڙن کي جواب ڏيو.
سمارٽ ميڊياتصويرن، alt text ۽ ميڊيا مينيجمينٽ کي بهتر بڻايو.
سرچ انجڻين لاءِسنڌي خبرن کي سرچ انجڻن لاءِ وڌيڪ تيار ڪريو.
ساڄي کان کاٻي سنڌي لکتسنڌي لاءِ قدرتي ساڄي کان کاٻي ترتيب.
ڊيمو مواد کي لاھڻنموني واري خبرن، ڪيٽيگريز ۽ هوم پيج سان جلدي شروعات.
ورڊپريس جي چائلڊ ٿيمڪسٽمائيزيشن کي محفوظ رکو.
پي ايڇ پي جي نئين ترين ورزين سانجديد سرور ماحول لاءِ تيار.

مصنوعي ذھانت جو نائب

اوھان جي ڏنل خبرن مان جواب سنڌي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندڙ مصنوعي ذھانت تي تيار ڪيل نائب (چيٽ جي پي ٽيءَ جيان)

ھي مشيني نائب اوهان جي ويب سائيٽ تي موجود خبرن، مضمونن ۽ رپورٽن جي بنياد تي پڙهندڙن لاءِ جواب تيار ڪري سگهي ٿو. اهو پنھنجي مرضيءَ سان راءِ نہ ٿو ڏئي؛ اهو شايع ٿيل مواد مان مدد وٺي جواب انساني روين سان جواب ٺاهي ٿو. ھي نائب اوھان جي ڏنل خبرن مان پاڻمرادو تربيت پڻ وٺندو رھي ٿو.

  • خبرن جا مختصر بيان
  • موضوع وار سوال جواب
  • پراڻين خبرن مان لاڳاپيل نتيجا
  • پڙهندڙن کي انساني دوست جيان ڳالهہ ٻولهہ ڪندڙ
مشيني نائب جيڪو خبرون ترت پھچائي ٿو
ايران ۽ اسرائيل بابت تازيون خبرون ڇا آهن؟
سنڌ پريس تي شايع ٿيل خبرن موجب، ايران، اسرائيل، عالمي سياست ۽ علائقائي صورتحال بابت مواد ھتي اوھان جو جواب موجود آهي. (ھي نائب جواب تيار ڪندي ويب سائيٽ جي خبرن کي بنياد بڻائي ٿو.)
ذريعا: خبر 1 • خبر 2 • خبر 3
SindhPress AI Lab screenshot

مصنوعي ڏاھپ جي ليبارٽري

اڄ جي خبر، سڀاڻي مصنوعي ڏاھپ جي ماڊلن ۾ اوھان جي ميڊيا حوالي سان گڏ

سنڌ پريس ۾ مصنوعي ڏاھپ جي ليبارٽري اوھان جي خبرن، مضمونن سان گڏ ايڊيٽوريل کي پڙهي دنيا جھان ۾ ڦھلائڻ جو ڪم ڪري ٿي. ھتي صاف نموني سان اوھان جي ڊيٽا کي مصنوعي ڏاھپ جي ماڊلن ۾ بدلائي نئون بڻو ڪيو وڃي ٿو. انڪري اوھان جي هر خبر سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي واري ڊجيٽل موڙِيءَ جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ٿيندي آھي.

خبر↓AI Lab↓Dataset↓JSONL Export

سنڌپريس ٿيم جا ڪجهہ سھڻا ڏيک

سنڌ پريس جا ڪجهہ اھم ڏيک

وڌيڪ روبرو ڏيکن لاءِ اوھان ڊيمو پيج تي وڃي سڄي سنڌ پريس کي ڀليءَ ريت ڏسي سگهو ٿا.

Homepage
مکيہ صفحو
Article Page
خبر جو صفحو
Dashboard
ڊيش بورڊ
AI Assistant
مشيني نائب
Weather and Video
موسم ۽ وڊيو
AI Lab
ائڊمن پينل اندر اي آءِ ليب

سنڌي فونٽس

فونٽ گيلري

لينڊنگ پيج تي ئي سنڌي فونٽن جو زنده ڏيک ڏسو. پنهنجي متن لکو، سڀ فونٽ هڪ ئي وقت ۾ تبديل ٿيندا.

AMBILE Regular

ھتي فونٽن جا ڏيک نظر ايندا

AMBILE Shadow

ھتي فونٽن جا ڏيک نظر ايندا

MB Lateefi / Awami

ھتي فونٽن جا ڏيک نظر ايندا

MB Nargis

ھتي فونٽن جا ڏيک نظر ايندا

Baakh

ھتي فونٽن جا ڏيک نظر ايندا

نھايت جلد پيڪيج ۾ ڇا

شامل ٿيندو؟

مکيہ سنڌ پريس ٿيمايس پي چائلڊ ٿيمسڀ پلگ انمڪمل رھنمائيپھريون ڊمي خبرن جو پروگرامانسٽال ڪرڻ جي گائيڊڪتب ڪرڻ جو حق
دفتري رليز نوٽ

ڊائونلوڊ لنڪ نھايت جلد هتي ونڊِي ويندي

سنڌ پريس جو مڪمل پبلڪ پيڪيج هڪ وڏي تقريب کان پوءِ هن ئي صفحي تي جاري ڪيو ويندو. هن وقت ڊائونلوڊ لنڪ فعال نہ ڪئي وئي آهي.

جلد وڏي تقريب ۾ باقاعدہ نموني سان لاٿي ويندي

نھايت جلد ”سنڌپريس“ جي مڪمل پيڪيج، انسٽاليشن گائيڊ، ڊاڪيومينٽيشن ۽ ڊيمو مواد سان گڏ آفيشل ڊائونلوڊنگ لنڪ هتي مھيا ڪئي ويندي.

ڊيمو سائيٽ جو درشن

ان وقت تائين اوھان ڊيمو سائيٽ جو درشن پسي سگهو ٿا، جتي سنڌي نيوز هوم پيج، آرٽيڪل پيج، موسم، وڊيو، مشيني نائب ۽ مصنوعي ذھانت جي ليب جو عملي ڏيک موجود آهي.

ڊيمو سائيٽ ڏسو

مڪمل پبلڪ پيڪيج

  • سنڌپريس جي مکيہ ٿيم
  • ٿيم جي چائلڊ ٿيم
  • ضروري پلگ ان
  • انسٽال ڪرڻ جي مڪمل رھنمائي
  • سائيٽ کي بھتر سمجهڻ لاءِ ڊيمو مواد
  • لائسنس ۽ ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ

ٿيم کي ڪتب آڻڻ لاءِ جدا سرشتو

سادي سنڌي ٻوليءَ ۾ مڪمل رهنمائي

انسٽال ڪرڻ، چائلڊ ٿيم، مختلف پلگ ان، مشيني ذھانت جي ليب، جي ايس او اين ايڪسپورٽ ڪرڻ، سرچ انجڻين لاءِ آسان پروگرامنگ، سمارٽ ميڊيا کي استعمال ڪرڻ ۽ مسئلو اچي وڃي تہ اتي ئي حل لاءِ ايڇ ٽي ايم ايل ڊاڪيومينٽيشن شامل آهي.

انسٽال ڪيئن ڪجياي آءَ ليب ڪيئن ڪتب آڻجيسرچ انجڻين جي رھنمائيسمارٽ ميڊياڊولپرن لاءِ جدا رعايتونھلائڻ جو حق

بلڪل مفت

سنڌي اخبارون، سنڌي ميڊيا هائوسز ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن جي رسرچ پورٽلن لاءِ.

حدبنديون

ٽين ڌرين کي ڏيڻ، نئين سنوت ڪري وڪڻڻ، ۽ بڻيادي سورس ڪوڊ سان ھٿ چراند جي اجازت اداري کان وٺڻ ضروري آهي.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪريو

ڪانٽيڪٽ @ سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ

ڪتب آڻڻ جو حق

سنڌي ميڊيا ھائوسن (جن ۾ سنڌي اخبارون، ميگزينون ۽ چئنل) لاءِ بلڪل مفت رکيو ويو آھي

سنڌ پريس، سنڌي ميڊيا ھائوسن لاءِ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ ھي بش بھا پروگرامنگ مفت فراهم ڪئي وڃي ٿي، پر ھڪ ڳالهہ ذھن نشين ھجڻ گهرجي تہ سنڌ پريس کي ڪنھن ٻي برانڊ يا نالي سان وڪرو ڪرڻ يا اجازت کانسواءِ چوٿين ڌرين کي آڇي ڏيڻ جي اجازت بلڪل بہ نہ آهي.

ڪوڊنگ

حق ۽ واسطن سان گڏ پروگرامنگ جي ملڪيت

بانيڪار ۽ معمارامر فياض ٻرڙو
ڇپيندڙسنڌي لنئگئيج ڊاٽ آرگ
مالڪانڊسين ٽيڪنالاجيز (پرائيويٽ) لميٽيڊ

فونٽن جا اصل وسيلا: ايمبل ۽ ايمبل شيڊو: عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد | ايم بي لطيفي ۽ ايم بي نرگس: ايم بي سنڌي | باک: محترم چارو.